ٺري ميرواهه– مھراڻ هاوي تي تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا. حادثي کان پوءِ علائقي ۾ هڙبون مچي وئي، جڏهن ته ماڻهن ٽرالر جي ڊرائيور کي موقعي تي ئي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. فوتين جي سڃاڻپ تاحال نه ٿي سگهي آهي. اطلاع تي ٺري ميرواهه پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ۽ ٽرالر کي ڊرائيور سميت تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. پوليس موجب حادثي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.
