موريطانيه جي سامونڊي حدن ۾ پرڏيهه وڃڻ وارن سان ڀريل ٻيڙي حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن سبب گهٽ ۾ گهٽ 49 ماڻهو فوت ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي اڃا تائين گم آهن۔ مسافرن جي تفصيل عالمي رپورٽن موجب، ٻيڙيءَ ۾ لڳ ڀڳ 160 ماڻهو سوار هئا۔ 17 ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي۔ باقي ڪيترائي لاپتا آهن، جن جي ڳولا جاري آهي۔ سفر جو آغاز اطلاع موجب هي ٻيڙي هڪ هفتو اڳ گيمبيا مان رواني ٿي هئي، جنهن ۾ سينيگال، گيمبيا ۽ ٻين آفريقي ملڪن جا شهري شامل هئا۔منزل نامعلوم سرڪاري عملدارن جو چوڻ آهي ته هاڻي تائين اها ڄاڻ نه ملي سگهي آهي ته ٻيڙي ڪهڙي ملڪ ڏانهن وڃي رهي هئي۔پس منظر ياد رهي ته اولهه آفريقا مان يورپ ڏانهن غير قانوني هجرت لاءِ سامونڊي رستا استعمال ڪيا وڃن ٿا، جيڪي انتهائي خطري وارا آهن ۽ اڪثر اهڙيون ٻيڙيون حادثن جو شڪار ٿينديون رهن ٿيون۔
