ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات کان اڳ قطري وزيراعظم جي اعليٰ آمريڪي اختيارين سان ملاقات، دوحه حملي ۽ ٻطرفه لاڳاپن تي ڳالهيون

قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثان واشنگٽن ۾ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ۽ پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ملاقات ڪئي. رپورٽ موجب ملاقات جي دوران قطر ۽ آمريڪا جي سيڪيورٽي لاڳاپن ۽ انهن کي هٿي ڏيڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قطري وزيراعظم ۽ اعليٰ آمريڪي اختيارين جي ملاقات دوران دوحه تي تازو اسرائيلي حملن سميت خطي جي تازي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون.الجزيره جي رپورٽ موجب آمريڪا قطر کي عرب خطي جي اهم اتحادي طور مڃيندو آهي جتي انهي جو العديد ايئربيس موجود آهي ۽ صدر ٽرمپ پهريان ئي اسرائيل کي قطر کي نشانو بنائڻ تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪري چڪو آهي. قطر جو وزيراعظم اڄ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان به ملاقات ڪندو. اها ملاقات دوحه ۾ اسرائيلي فضائي حملي جي حوالي سان ٿي رهي آهي. الجزيزه موجب اڄ ٿيندڙ اها ملاقات اسرائيلي حملي ۽ غزه جنگ جي خاتمي بابت ڳالهين جي حوالي سان ٿيندي. ياد رهي ته اسرائيلي فوج قطر جي راڄڌاني دوحه تي 9 سيپٽمبر تي حماس جي قيادت کي نشانو بنايو هو. انهي حملي ۾ حماس جي اڳواڻن سميت 6 ڄڻا شهيد ٿيا هئا. پر حملي ۾ حماس جي قيادت محفوظ رهي هئي.


پنھنجي راءِ لکو