اسلام آباد هاءِ ڪورٽ: 15 ورهين جي ڇوڪري کي مڙس سان گڏ رهڻ جي اجازت

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 15 ورهين جي ڇوڪري کي مڙس سان گڏ رهڻ جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو آهي، جنهن ۾ عدالت چيو آهي ته شريعت موجب ننڍي عمر ۽ راضپي سان نڪاح صحيح آهي، پر قانون تحت 18 سالن کان ننڍي عمر ۾ شادي ڏوهه آهي.عدالت جي مطابق، مديحه بي بي عدالت ۾ بيان ڏنو ته هوءَ والدين وٽ نه وڃڻ ۽ مڙس سان گڏ رهڻ جي خواهش رکي ٿي، ۽ ڪرائسز سينٽر ۾ رهڻ دوران به پنهنجي موقف تي قائم رهي.فيصلي ۾ عدالت چيو آهي ته نڪاح نامي ۾ڇوڪري جي عمر تقريباً 18 سال لکيل آهي، جڏهن ته نادرا رڪارڊ موجب سندس عمر 15 سال آهي. عدالت فيصلي ۾ چائلڊ ميرج ريسٽرينٽ ايڪٽ 2025، مسلم فيملي لاز آرڊيننس 1961 ۽ چائلڊ ميرج ريسٽرينٽ ايڪٽ 1929 جا حوالا ڏنا، ۽ سفارشون ڪندي ڪاپي سمورن لاڳاپيل وزارتن ۽ فيملي ڪورٽس ججز کي موڪلڻ جي هدايت ڪئي.ياد رهي ته اسلامي نظرياتي ڪونسل مئي 2025 ۾ خيبرپختونخواهه حڪومت طرفان پيش ڪيل امتناع ازدواج اطفال بل 2025 ۽ قومي اسيمبلي طرفان منظور ٿيل ننڍي عمر جي شادي جي امتناع واري بل کي غير اسلامي قرار ڏنو هو.چيئرمين ڊاڪٽر علامه محمد راغب حسين نعيمي جي صدارت هيٺ ڪونسل واضح ڪيو ته عمر جي حد مقرر ڪرڻ ۽ 18 سالن کان ننڍي عمر ۾ شادي کي زيادتي قرار ڏيڻ اسلامي حڪمن سان مطابقت نه رکي ٿي، ۽ بل کي رد ڪيو.ڪونسل چيو ته اسلامي تعليمات موجب نڪاح کي غير ضروري قانوني ڏکيائين کان محفوظ رکڻ گهرجي، ۽ جهيز جي حوالي سان ڇوڪري يا والدين تي زور ڏيڻ درست عمل نه آهي.

پنھنجي راءِ لکو