“اسرائيلي فوج جو گلوبل صمود فلوٽيلا تي حملو، 200 کان وڌيڪ انساني حقن جا ڪارڪن گرفتار، عالمي سطح تي احتجاج”

اسرائيلي فوج غزه لاءِ امداد کڻي ويندڙ عالمي قافلي گلوبل صمود فلوٽيلا تي حملو ڪري ڪيترين ئي ٻيڙين کي روڪي ڇڏيو ۽ سوئيڊن جي مشهور ماحولياتي ڪارڪن گريٽا تهنبرگ سميت 200 کان وڌيڪ انساني حقن جا ڪارڪن گرفتار ڪري ورتا.عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب، فلوٽيلا جو مقصد غزه ۾ تڪڙي امداد پهچائڻ ۽ انساني بحران کي گهٽائڻ هو، پر اسرائيلي فوج ٻيڙين کي روڪيندي قافلي جي شرڪت ڪندڙن کي گرفتار ڪري مقامي جيلن ڏانهن منتقل ڪيو.گرفتارن ۾ مختلف ملڪن جا سياسي اڳواڻ، انساني حقن جا ڪارڪن، ۽ عالمي صحافي شامل آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته صرف هڪ ٻيڙي اسرائيلي روڪٿام کان بچي نڪري سگهي.هن واقعي کانپوءِ پوري دنيا ۾ سخت ردعمل سامهون آيو آهي. ڪيترن ئي يورپي ملڪن ۾ ماڻهن سڙڪن تي نڪري اسرائيل جي عمل خلاف مظاهرا ڪيا، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي به #FreeTheFlotilla ۽ #GazaUnderAttack جهڙا هئش ٽيگ ٽرينڊ ڪرڻ لڳا.انساني حقن جي تنظيمن اسرائيل جي عمل کي بين الاقوامي قانونن ۽ انساني اصولن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي عالمي برادري کان سخت نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.


پنھنجي راءِ لکو