وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن واري صلاحڪار ۽ سينيٽر راڻا ثناءُالله پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) جي ڊيٽا تي اسان کي سخت اعتراض آهن.سينيٽر راڻا ثناءُالله جو چوڻ هو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پنهنجي صوبي جي حصي جي پاڻي بابت ڳالهايو آهي، ڪنهن ٻئي صوبي جي حصي تي ڳالهه ناهي ڪئي. “پنجاب جي حصي جو پاڻي پنجاب مان جتان به گذري، انهي تي اعتراض نه هجڻ گهرجي.”ٻئي طرف پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته جنهن پارٽي جي اڳواڻ هڪ عورت هئي، ساڳي پارٽي اڄ هڪ عورت اڳواڻ خلاف پريس ڪانفرنسون ڪري رهي آهي. “اهڙن بيانن سان ڪوبه فرق نه پوندو، ۽ نه ئي پيپلز پارٽي اهڙي طريقي سان پنهنجن پيرن تي بيهي سگهي ٿي.”ياد رهي ته گذريل ڏينهن لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمرالزمان ڪائره چيو هو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جو لهجو نامناسب آهي. “جيڪڏهن سنڌ مان به ساڳي انداز ۾ جواب اچي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟”
