“روس جو غزہ امن منصوبي تي ردعمل: فوري ۽ پائيدار جنگبندي ضروري”

روس آمريڪي صدر پاران پيش ڪيل غزہ امن منصوبي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ماسڪو سدائين غزہ ۾ فوري جنگبندي ۽ رت ريزي جي خاتمي جو مطالبو ڪندو آيو آهي. روسي وزارتِ خارجہ جي ترجمان مطابق، اهڙا سڀ قدم قابلِ حمايت آهن جيڪي بحران جي خاتمي ۽ انساني جانن جي بچاءَ ڏانهن وڌن.ترجمان اميد ظاهر ڪئي ته مجوزه جنگبندي نه صرف قائم رهندي پر پائيدار به ثابت ٿيندي، جيئن فلسطيني علائقي ۾ ڊگهي عرصي وارو امن ۽ استحڪام ممڪن ٿي سگهي. وزارتِ خارجہ موجب، پائيدار امن سان متاثر علائقن جي ٻيهر تعمير، رليف پهچائڻ ۾ آساني ۽ اسرائيل-فلسطين ڳالهين جي ٻيهر شروعات ممڪن ٿيندي.روس جو چوڻ آهي ته حتمي مقصد هڪ آزاد فلسطيني رياست جو قيام ۽ اسرائيل سان پرامن گڏ رهڻ آهي، جيئن علائقي جي عوام کي محفوظ ۽ مستحڪم مستقبل ملي سگهي. ساڳئي وقت ماسڪو عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته غزہ بحران جي حل لاءِ سنجيده ۽ متوازن ڪردار ادا ڪيو وڃي

پنھنجي راءِ لکو