نائب صدر ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته مشتاق احمد خان سميت سمورن پاڪستانين جي باحفاظت آزادي لاءِ هڪ ٽئين يورپي ملڪ سان لڳاتار رابطو ڪيو پيو وڃي
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾، جيڪو اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، اسحاق ڊار خطاب ڪندي ٻڌايو ته غزه ڏانهن ويندڙ “گلوبل صمود فلوٽيلا” ۾ اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد خان به شامل هو. پرڏيهي آفيس جي رپورٽ موجب 45 فلوٽيلا مان 22 کي اسرائيل پڪڙي ورتو آهي ۽ اطلاع آهي ته اڳوڻو سينيٽر به گرفتار ٿيل ماڻهن ۾ شامل آهي.
اسحاق ڊار چيو ته جيئن ئي هي خبر سامهون آئي، اسان فوري طور تي يورپي ملڪن سان رابطو ڪيو. اسان مطالبو ڪيو آهي ته اسان جي اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد خان کي جلد کان جلد آزاد ڪيو وڃي. پاڪستان پنهنجي مڪمل ڪوشش ڪري رهيو آهي، هي رڳو ذاتي نه پر اسلامي ذميواري به آهي. هڪ حديث موجب مسلم امت هڪ جسم جيان آهي
