ڪنڌڪوٽ لڳ ڪائنات اسڪول قمبراڻي لاڙو ۾ ختم قرآن جو انعقاد ڪري ملڪ قوم ۽ ضلعي ۾ امن امان لاءِ خاص دعا گهري وئي ان سلسلي ۾ هيڊ ماستر ذوالفقار علي مڱريو ۽ وائيس پرنسپل سجاد علي بلوچ چيو ته ڪائنات اسڪول ۾ دنياوي تعليم سان گڏ اسلامي تعليم تي به خاص توجهه ڏني ويندي آهي ۽ هر جمعي ڏهاڙي ختم قرآن جو بندوبست پڻ ڪيو ويندو هنن وڌيڪ چيو ته ڪائنات اسڪول ۾ مفت تعليم ڊريس ۽ ٽرانسپورٽ جو بندوبست پڻ ٿيل آهي ان ڪري اسان جو پس گردائي جي والدين کي گذارش آهي ته هو پنهنجي معصوم ٻارڙن کي هن اسڪول ۾ داخل ڪرائي پنهنجو فرض نڀائنن
