سعودي عرب ۾ عمره زائرين جو انگ 38 لک کان وڌي ويو

سعودي عرب جي وزارتِ حج ۽ عمره چيو آهي ته رواں سال عمره سیزن جي شروعات کان گذريل مهيني جي آخر تائين اندروني ۽ بيروني عمره زائرين جو انگ 38 لک کان وڌي ويو آهي۔سعودي خبر رسائن اداري جي رپورٽ موجب، وزارت طرفان جاري ڪيل انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل سال جي ساڳئي عرصي جي مقابلي ۾ هن سال عمره لاءِ ايندڙ زائرين جو انگ 6 سيڪڙو وڌيڪ رهيو آهي۔رپورٽن مطابق، بيروني ملڪن مان 28 لک زائرين عمره ويزا تي سعودي عرب پهتا ۽ عمره جي سعادت حاصل ڪئي۔ مملكت ۾ پهتل زائرين جو تعلق 135 ملڪن سان هو۔ بيروني ملڪن جا گهڻا زائرين عمره ادا ڪرڻ بعد مديني منورہ ۾ مسجد نبوي ﷺ جي حاضري به ڀري۔وزارتِ حج ۽ عمره جو چوڻ آهي ته هن سال عمره سيزن دوران گذريل سال جي مقابلي ۾ بيروني زائرين جو انگ 33 سيڪڙو وڌيڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي۔زائرين کي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ وزارت طرفان جاچ ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن، جيڪي عمره سروسز فراهم ڪندڙ ڪمپنين جي مسلسل نگراني ڪن ٿيون۔ ان کان علاوه، مڪي مڪرمه ۽ مديني منورہ ۾ ذيلي آفيسون ۽ حرمين شريفين جي ٻاهران ڪيبنز ۾ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جيڪي زائرين جي سهولت ۽ شڪايتن جي تڪڙي حل لاءِ موجود رهن ٿا۔واضح رهي ته وزارتِ حج ۽ عمره 1447 هجري جي حج تياريءَ لاءِ مختلف ملڪن سان اجلاس مڪمل ڪري ڇڏيا آهن۔ هن سلسلي ۾ 75 کان وڌيڪ ملڪن جي عملدارن سان ورچوئل ميٽنگون ڪيون ويون آهن ته جيئن ايندڙ حج ۾ سهولتن جو معيار بهتر بڻائي سگهجي ۽ سمورا معاملا وقت سر مڪمل ڪيا وڃن۔


پنھنجي راءِ لکو