سال 2025 جو نوبل امن انعام وينزويلا جي جمهوريت نواز اڳواڻ ماريا ڪورينا مچاڊو کي ڏنو ويو آهي۔سوئيڊن جي رائل سوئيڊش اڪيڊمي آف سائنس جي سربراهه جورجين وائن فريڊنس نوبل امن انعام 2025 جو اعلان ڪندي چيو ته مچاڊو کي اهو انعام وينزويلا ۾ جمهوريت جي بحالي، آمريت خلاف جدوجهد ۽ عوام جي جمهوري حقن جي حفاظت لاءِ ڏنو پيو وڃي۔نارويجن نوبل ڪميٽي موجب ماريا ڪورينا مچاڊو ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي ملڪ ۾ منصفاڻي، پرامن ۽ جمهوري منتقلي لاءِ تحريڪ هلائي رهي آهي، جنهن سبب کيس عالمي سطح تي سڃاڻپ ملي آهي۔ياد رهي ته امن جو نوبل انعام (Nobel Peace Prize) عام طور تي اهڙي شخص يا اداري کي ڏنو ويندو آهي جيڪو ملڪن جي وچ ۾ امن، محبت، فوجي هٿيار گهٽائڻ ۽ عالمي استحڪام لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪري۔نوبل انعام سوئيڊن جي سائنسدان ۽ ڪاروباري شخصيت الفريڊ نوبل جي ياد ۾ ڏنو ويندو آهي، جنهن ڊائنامائٽ (بارود) ايجاد ڪيو ۽ پنهنجي سڄي ملڪيت هڪ فنڊ جي صورت ۾ انعامن لاءِ وقف ڪئي۔ سال 1901 ۾ پهريون ڀيرو نوبل انعام ورهايا ويا هئا۔گذريل سالن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به امن نوبل انعام حاصل ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو هو، هن دعويٰ ڪئي هئي ته هو دنيا ۾ امن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ 7 جنگين کي ختم ڪرايو آهي۔ان وقت پاڪستان، اسرائيل، ڪمبوڊيا، آرمينيا ۽ آذربائيجان به ٽرمپ کي نوبل انعام ڏيڻ جي حمايت ڪئي هئي، پر ان جي باوجود به سندس اهو خواب پورو نه ٿي سگهيو۔
