ڊونلڊ ٽرمپ نوبيل امن انعام لاءِ پرجوش، عالمي سفارتڪاري تي اثر جاري

آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، جيڪي پنهنجي ڪاميابين ۽ ملڪيتن لاءِ مشهور آهن، اڃا تائين دنيا جي سڀ کان معتبر اعزاز نوبيل امن انعام حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، جيتوڻيڪ هن سال به هو ان لاءِ پرجوش آهن. نوبيل امن انعام جو اعلان جمعي تي اوسلو ۾ ٿيندو، ۽ 79 ورهين جي ٽرمپ جي بيچيني پنهنجي عروج تي پهچي وئي آهي. هو ڪجهه مهينن کان شڪايت ڪري رهيا آهن ته عالمي امن لاءِ سندس ڪوششن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.ٽرمپ چيو آهي ته “اسان ست جنگيون ختم ڪيون، اٺين کي ختم ڪرڻ جي ويجهو آهيون، ۽ منهنجي خيال ۾ اسان روس جو مسئلو به حل ڪري وٺنداسين”، پر هن اهو پڻ چيو ته شايد هو مون کي انعام نه ڏيڻ لاءِ ڪا نئين وجا ڳولي وٺن. گذريل هفتي ٽرمپ واضح طور چيو هو ته جيڪڏهن هو نوبيل انعام نه کٽيو ته اهو ملڪ جي وڏي توهين هوندي. واشنگٽن پوسٽ موجب ٽرمپ جي انعام حاصل ڪرڻ جي شديد خواهش عالمي سفارتڪاري تي به اثر انداز ٿي رهي آهي.اسرائيلي اڳوڻي مذاڪراتي آفيسر موجب، حماس ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگبندي جي ڳالهين ۾ تيزي شايد نوبيل اعلان کان اڳ امن جو اعلان ڪرڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي ته جيئن ٽرمپ کي انعام جو حقدار بڻائي سگهجي. ماهرن موجب، ٽرمپ جي عوامي مهم ۽ لابنگ نوبيل انعام جي تاريخ ۾ بي مثال آهي، ڇاڪاڻ⁠ ته انعام جي چونڊ جو عمل عام طور خاموشي ۽ رازداري ۾ ٿيندو آهي.او سلو پيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر نينا گريگر ٻڌايو ته ٽرمپ هن سال امڪاني فاتحن جي فهرست ۾ شامل نه آهن، پر اهي ادارا شامل آهن جن سان ٽرمپ جا تڪرار رهيا آهن، جهڙوڪ بين الاقوامي فوجداري عدالت (ICC) ۽ صحافين جي تحفظ لاءِ ڪميٽي (CPJ). آمريڪا اندر به ٽرمپ لاءِ حمايت جاري آهي، جتي سينيٽر بل ڪييسڊي ۽ ٻين سياستدانن چيو آهي ته آپريشن وارپ اسپيڊ ذريعي ڪورونا ويڪسين جي تياري ۾ ڪردار سبب ٽرمپ نوبيل انعام جا حقدار آهن.جيڪڏهن ٽرمپ کي هن ڀيري به انعام نه مليو، ته به سندس حامي پٺتي نه هٽندا. سينيٽر ڪييسڊي ۽ ريپبلڪن نمائنده ڪلاڊيا ٽيني اعلان ڪيو آهي ته هو مستقبل ۾ به ٽرمپ کي نوبيل امن انعام لاءِ نامزد ڪندا. ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽرمپ جي نوبيل امن انعام واري خواهش اڃا ختم ٿيڻ واري ناهي ۽ اها سياسي ۽ شخصي سڃاڻپ جي جنگ ۾ تبديل ٿي چڪي آهي.

پنھنجي راءِ لکو