ايران پاران پاڪ–افغان ڇڪتاڻ تي ڳڻتي، تڪرار حل لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ

يران پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن کي تڪرار جي پرامن حل لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ ڪري ڇڏي آهي۔ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايران کي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي گهري تشويش آهي، ۽ اهو ضروري آهي ته هر ملڪ ٻئي جي علاقائي سالميت ۽ قومي خودمختياري جو احترام ڪري۔ترجمان چيو ته ايران هميشه علائقي ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند رهيو آهي، ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته تهران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي۔ايراني وزارتِ خارجه وڌيڪ چيو ته پاڪ–افغان ڇڪتاڻ نه رڳو ٻنهي ملڪن لاءِ پر سڄي خطي جي امن لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي، تنهنڪري فوري طور تي ڳالهين ۽ رابطن ذريعي مسئلو حل ڪرڻ گهرجي۔ياد رهي ته ايران کان اڳ سعودي عرب ۽ قطر به پاڪ–افغان سرحدي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ٻنهي ملڪن کي صبر ۽ ڳالهين ذريعي تڪرار ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي۔واضح رهي ته گذريل رات پاڪ–افغان سرحد تي افغانستان جي فورسز طرفان ڇتي فائرنگ ڪئي وئي هئي، جنهن جو پاڪ فوج طرفان موثر جواب ڏنو ويو، جنهن ۾ ڪيترائي افغان فوجي مارجي ويا هئا۔

پنھنجي راءِ لکو