پاڪ افغان بارڊر تي افغانستان طرفان فائرنگ، پاڪ فوج جو ڀرپور جواب، ڪيترائي افغان فوجي مارجي ويا، طالبان لاش ۽ پوسٽون ڇڏي فرار

سيڪيورٽي ذريعن موجب، افغانستان طرفان پاڪ-افغان سرحد تي ڇتي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن تي پاڪستاني فوج ڀرپور جواب ڏنو. پاڪستاني فوج جي جواب ۾ ڪيترائي افغان فوجي مارجي ويا ۽ ڪيترائي افغان پوسٽون خالي ٿي ويون.افغان فورسز انگوراڊه، باجوڙ، ڪرم، دير، چترال ۽ بارامچاهه جي علائقن ۾ به فائرنگ ڪئي، جنهن جو مقصد خوارج جي ٽيمون بارڊر پار ڪرائڻ هو. پاڪستاني فوج چوڪس ٿي فائرنگ جو سخت جواب ڏنو ۽ ڪيترين ئي افغان پوسٽن کي نشانو بڻايو.آرٽلري، ٽينڪن، هلڪا ۽ ڳرا هٿيار، فضائي وسيلا ۽ ڊرونز استعمال ڪيا ويا، جن سان داعش ۽ خارجي ٺڪاڻن کي به نشانو بڻايو ويو.پاکستانی فوج جي ڪارروائي سبب درجنين افغان فوجي ۽ خوارج مارجي ويا، طالبان ڪيترائي لاش ۽ پوسٽون ڇڏي فرار ٿي ويا. بارامچاهه ۽ ترڪمانزئي ڪيمپس پڻ تباهه ٿي ويا.چاغي ۾ به پاڪستاني فورسز افغان دهشتگردن تي حملو ڪري ڪيترائي دهشتگرد ماريا ۽ چيڪ پوسٽون تباهه ڪيون.افغان پرڏيهي وزير جي ڀارت دوري دوران افغانستان طرفان سرحدي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، جنهن تي پاڪستان جواب ۾ ڪارروائي ڪئي. پوءِ افغانستان پاڪستان کان وڌيڪ جارحيت روڪڻ جي درخواست ڪئي.

پنھنجي راءِ لکو