پاڪ–افغان ڇڪتاڻ تي سعودي عرب جي ڳڻتي، ٻنهي ملڪن کي صبر ۽ ڳالهين جو مشورو

پاڪ–افغان سرحد تي افغان فورسز جي فائرنگ ۽ پاڪستاني فورسز جي موثر جواب کان پوءِ سعودي عرب سرحدي ڇڪتاڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي۔سعودي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسلامي جمهوريه پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ سرحدي علائقن ۾ تازين چڪرين ۽ ڇڪتاڻ تي سعودي عرب کي شديد فڪر آهي۔بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن کي گهرجي ته اهي تڪرار ۾ اضافي کان پاسو ڪن ۽ ڳالهين ۾ حڪمت، صبر ۽ سفارتي عمل کي ترجيح ڏين ته جيئن خطي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رهي۔سعودي حڪومت واضح ڪيو آهي ته هو اهڙين عالمي ۽ علائقائيڪوششن جي حمايت جاري رکندو جيڪي امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي هٿي ڏين، خاص طور تي پاڪستاني ۽ افغان عوام جي بهتر مستقبل لاءِ۔سعودي پرڏيهي وزارت موجب، سعودي عرب خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جو خواهشمند آهي ۽ چاهي ٿو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ بهتري اچي ته جيئن ٻئي قومون خوشحالي جي رستي تي گامزن ٿي سگهن۔

پنھنجي راءِ لکو