آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته هن پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ امڪاني جنگ جون خبرون ٻڌيون آهن، ۽ هو اسرائيل کان آمريڪا واپسي تي هن معاملي جو تفصيلي جائزو وٺندو.ايئرفورس ون ۾ صحافين سانالهائيندي ٽرمپ چيو ته:“مان اڳ به ڪيترين ئي جنگين کي روڪي چڪو آهيان، ۽ هن ڀيري به هڪ ٻيو قدم کڻندس.”صدر ٽرمپ پاڻ کي جنگيون ختم ڪرڻ جو ماهر قرار ڏيندي چيو ته ماضي ۾ به هن ڏکيا عالمي تڪرار حل ڪيا، ۽ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ کي ٽيرف پاليسي ذريعي روڪيو هو، جنهن سان لکين حياتيون بچي ويون.ٽرمپ ڳالهين دوران نوبل انعام جو به حوالو ڏيندي چيو ته:“منهنجو مقصد انعام حاصل ڪرڻ نه پر ماڻهن جون حياتيون بچائڻ آهي. 2025 ۾ به وڏا عالمي قدم کنيا آهن.”غزه جي حوالي سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته جنگ ختم ٿي چڪي آهي ۽ مستقل جنگبندي برقرار رهندي. هن اعلان ڪيو ته غزه لاءِ “بورڊ آف پيس” جلد قائم ڪيو ويندو، ۽ يرغمالين جي آزادي مقرر وقت کان اڳ ممڪن بڻائي ويندي.
