وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ مصري صدر عبدالفتاح السيسي جي دعوت تي شرم الشيخ پهتو.

— وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ مصري صدر عبدالفتاح السيسي جي خصوصي دعوت تي مصر جي شهر شرم الشيخ پهچي ويو.شرم الشيخ ايئرپورٽ تي وزيراعظم جو پرجوش استقبال ڪيو ويو، جتي مصري يوٿ ۽ اسپورٽس جو وزير ڊاڪٽر اشرف صبحي، پاڪستان جي مصر ۾ سفير عامر شوڪت ۽ ٻنهي ملڪن جو اعليٰ سفارتي عملو موجود هو.وزيراعظم شرم الشيخ ۾ غزه ۾ جنگبندي لاءِ ٿيندڙ امن سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ان دوري ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، ۽ وفاقي وزير اطلاعت عطاءُالله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ شريڪ آهن.ياد رهي ته شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، مصري صدر عبدالفتاح السيسي، امير قطر شيخ تميم بن حمد الثاني ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان گڏ غزه امن معاهدي تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو.اهو اجلاس صدر ٽرمپ، وزيراعظم شهباز شريف ۽ اسلامي ملڪن جي اڳواڻن جي انهن ڪوششن جو تسلسل آهي، جيڪي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران غزه ۾ جنگبندي لاءِ شروع ڪيون ويون هيون.گڏيل پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف سميت ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن آمريڪي صدر جي پيش ڪيل “زه ۾ پائيدار امن، ترقي ۽ انساني تحفظ” واري منصوبي جي آجيان ڪئي هئي.پاڪستان کي اميد آهي ته هن امن معاهدي کان پوءِ غزه ۾ ظلم جو خاتمو، اسرائيلي فوج جي واپسي، فلسطيني قيدين جي آزادي ۽ متاثر علائقن جي بحالي ممڪن ٿي سگهندي.اسلام آباد جو موقف آهي ته اهو قدم نه رڳو وچ اوڀر ۾ ديرپا امن جي قيام جو سبب بڻجندو پر گڏيل قومن جي قراردادن موجب 1967ع کان اڳ واري سرحدن تي ٻڌل هڪ آزاد فلسطيني رياست جي قيام جو رستو به هموار ڪندو، جنهن جي راڄڌاني القدس الشريف هوندي.

پنھنجي راءِ لکو