وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ مصري صدر عبدالفتاح السيسي جي خصوصي دعوت تي غزه امن معاهدي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ مصر جي شهر شرم الشيخ روانو ٿي ويو آهي، جتي هو غزه ۾ جنگ بندي لاءِ ٿيندڙ عالمي امن سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو۔ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، اطلاعات وارو وزير عطاالله تارڙ ۽ ٻيا اعلى عملدار به وزيراعظم سان گڏ آهن۔ هي اجلاس گذريل مهيني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي دوران ڪيل سفارتي ڪوششن جو نتيجو آهي ۽ غزه ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو پيو وڃي۔ ترجمان موجب وزيراعظم جي هن سمٽ ۾ شرڪت فلسطيني عوام جي حق خوداراديت لاءِ پاڪستان جي تاريخي حمايت جي عڪاسي ڪري ٿي، نهن ان غزه ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۽ تعمير نو جي رستي کي هموار ڪرڻ ۾ مدد ملندي۔ تقريب جي صدارت مصري صدر عبدالفتاح السيسي ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪندا، جڏهنتہ ترڪ صدر طيب اردوان، رانسيسي صدر، جرمن چانسلر، سعودي، قطري، برطانوي ۽ اطالوي وزرائنِ اعظم سميت ويهه کان وڌيڪ ملڪن جا اڳواڻ شرڪت ڪندا، جڏهنتہ گڏيل قومن جا سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ يورپي ڪائونسل جا صدر به اجلاس ۾ موجود هوندا۔ معاهدي جي ابتدائي مرحلي ۾ قيدين جو ڏي وٺ، انساني امداد جي فراهمي ۽ مرحليوار جنگ بندي شامل آهي، جنهن تي عملدرآمد جي نگراني عالمي برادري ڪندي۔
