ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته هو پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ تازي تڪرار ختم ڪرائڻ لاءِ عملي قدم کڻندو۔ واشنگٽن مان جاري بيان ۾ آمريڪا جي اڳوڻي صدر چيو ته هو مشرقِ وسطيٰ جي دوري تان واپسي بعد صورتحال جو جائزو وٺندو، ڇوتہ هو پاڻ کي جنگن جو حل ڳولڻ ۾ ماهر سمجهي ٿو۔ آچر ڏينهن ايئر فورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته ماضي ۾ به هن تڪرارن کي ختم ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ سندس چوڻ موجب هن پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ به ٽريف پاليسي ذريعي تڪرار گهٽ ڪيو هو۔ اڳوڻي آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته هن لاءِ اهو اعزاز آهي ته هن لکين جانيون بچايون، سندس مقصد نوبل انعام حاصل ڪرڻ نه پر ماڻهن جون زندگيون بچائڻ آهي۔ ذريعن موجب ٽرمپ مشرقِ وسطيٰ جي دوري تان واپسي بعد ڏکڻ ايشيا ۾ وڌندڙ تڪرار تي پنهنجي سفارتي حڪمت عملي پيش ڪندو۔
