آمريڪي صدر ٽرمپ کي سنڀالڻ صرف پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف کي ايندو آهي: برطانوي اخبار

— برطانوي اخبار دي گارڊين پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي سنڀالڻ ۽ حالتن تي ضابطو رکڻ صرف پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف کي ايندو آهي۔دي گارڊين موجب، شرم الشيخ ۾ ٿيندڙ عالمي امن تقريب دوران صدر ٽرمپ ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون۔ ان موقعي تي هن اطالوي وزيراعظم جورجيا ميلوني جي حسن جي واکاڻ ڪئي، جڏهن ته برطانوي وزيراعظم ڪئئر اسٽارمر کي اهڙي انداز ۾ مخاطب ڪيو جو هو شرمنده ٿي ويو۔رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽرمپ تقريب ۾ ٻه ڪلاڪ دير سان پهتو، پهريان هن متحده عرب امارات جي نائب صدر شيخ منصور بن زايد سان ملاقات ڪئي ۽ کلندي چيو ته “ان وٽ ته تمام گهڻا پئسا آهن.” پوءِ هن هنگري جي وزيراعظم وڪٽر اوربان بابت چيو ته “ڪيترا ماڻهو هن کي نٿا پسند ڪن پر مان کيس پسند ڪريان ٿو، ۽ اهميت به صرف منهنجي ئي آهي.”برطانوي وزيراعظم اسٽارمر سمجهيو ته ٽرمپ کيس ڳالهائڻ جي دعوت ڏئي رهيو آهي، پر جڏهن ٽرمپ پاڻ مائڪ تي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته اسٽارمر کي شرمنده ٿي واپس پنهنجي جڳهه تي ويهڻو پيو۔ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو شڪايت ڪئي ته ٽرمپ کيس وزيراعظم بدران “صدر” چيو، جنهن تي ٽرمپ کلندي چيو: “شڪر ڪريو ته مون اوهان کي ڪينيڊا جو گورنر ناهي چيو!”دي گارڊين مطابق، تقريب دوران صرف وزيراعظم شهباز شريف ئي اهڙو اڳواڻ هو جيڪو ٽرمپ کي سنڀالي سگهيو۔ رپورٽ موجب، شهباز شريف ٽرمپ جي تعريف ڪندي ماحول کي سنجيده رکيو، ۽ جڏهن ٽرمپ ٻيهر اسٽيج تي اچڻ لڳو ته شهباز شريف کيس نرمي سان روڪي پنهنجي تقرير جاري رکي۔

پنھنجي راءِ لکو