واشنگٽن ۾ پاڪ–سعودي مالياتي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق

واشنگٽن: ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب آمريڪا جي دوري دوران سعودي هم منصب محمد عبدالله عبدالعزيز الجدعان سان ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ۽ مالي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. محمد اورنگزيب پاڪ–سعودي واپاري ۽ سرمائيڪاري لاڳاپن کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان اسٽريٽجڪ اقتصادي ڀائيواري کي نون دور ۾ داخل ڪرڻ چاهي ٿو.ناڻي واري وزير پنهنجي سعودي هم منصب کي پي آءِ اي ۽ هوائي اڏن جي نجڪاري ۾ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ملاقات دوران آءِ ايم ايف پروگرام ۽ ملٽي ليٽرل انويسٽمينٽ گارنٽي ايجنسي (MIGA) جي ڪردار تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئيمحمد اورنگزيب پاڪستان ۾ نجي شعبي جي سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ انفرا اسٽرڪچر منصوبن لاءِ سعودي حمايت جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن سعودي قيادت کي يقين ڏياريو ته حڪومت آءِ ايم ايف پروگرام جي اصلاحاتي ايجنڊا تي مڪمل عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي ۽ معيشت کي پائيدار بنيادن تي مستحڪم ڪرڻ لاءِ سنجيده قدم کنيا پيا وڃن.ملاقات جي آخر ۾ ٻنهي ناڻي وارن وزيرن اتفاق ڪيو ته پاڪ–سعودي لاڳاپا روايتي دوستي کان اڳتي وڌي اسٽريٽجڪ اقتصادي ڀائيواري جي نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهن.

پنھنجي راءِ لکو