واشنگٽن — آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ سندس لاءِ ڪو ڏکيو ڪم نه آهي، جيڪڏهن هو چاهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هلندڙ تڪرار فوري طور تي ختم ٿي سگهي ٿواوول آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته کيس “جنگيون روڪرائڻ” پسند آهن ۽ هو پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحدي ڇڪتاڻ کان مڪمل طور آگاهه آهي۔آمريڪي صدر ڳالهين دوران هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪ-ڀارت جنگبندي جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف فون ڪري کيس ٻڌايو ته هن جي ڪوششن سان پاڪ-ڀارت جنگ ختم ٿي ۽ لکين قيمتي حياتيون بچي ويون۔ياد رهي ته گذريل ڏينهن کان افغانستان جي سرحد تان پاڪستان تي حملن جو سلسلو جاري هو، جنهن جي جواب ۾ پاڪستاني فوج افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي ڪارروائي ڪئي، جنهن ۾ ڪيترائي خوارج دهشتگرد مارجي ويا۔سفارتي ذريعن موجب ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پهرين 48 ڪلاڪن لاءِ جنگبندي طئي ٿي هئي، جيڪا بعد ۾ وڌائي وئي۔ دوحه ۾ افغان طالبان حڪومت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هلندڙ ڳالهين جي پڄاڻي تي وڌيڪ اڳڀرائي ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته اعليٰ سطحي ڳالهين جو نئون دور ڇنڇر کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي۔
