اسلامي جمهوريه پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ دوحه ۾ ٿيل 13 ڪلاڪ ڊگهيون ڳالهيون ڪاميابي سان مڪمل ٿي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن فوري جنگبندي تي اتفاق ڪري ورتو آهي۔انهي اڳڀرائي کي پاڪستان جي هڪ وڏي سفارتي ۽ اسٽريٽجڪ ڪاميابي قرار ڏنو پيو وڃي۔ ڳالهين جي ميزباني قطر جي رياست ڪئي، جڏهن ته جمهوريه ترڪيه ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪيو۔قطر جي پرڏيهي وزارت موجب ڳالهين جي دوران ٻنهي ڌرين نه صرف جنگبندي تي اتفاق ڪيو، پر ٻطرفي امن ۽ استحڪام لاءِ هڪ مستقل مڪينزم تي به راضپو ظاهر ڪيو۔ سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو معاهدو پاڪستان جي پوزيشن آف اسٽرينٿ جو نتيجو آهي، جتي پاڪ فوج زميني سطح تي واضح رد عمل ڏيئي هڪ موثر پيغامموڪليو۔ان ڳالهه کان پوءِ ٿيل ڳالهين ۾ پاڪستان جو اهو پراڻو ۽ واضح مطالبو به مڃيو ويو، جنهن ۾ افغانستان مان دهشتگردي جي هر قسم جي حمايت ۽ سهولتڪاري جي خاتمي جي گهر ڪئي وئي هئي۔ذريعن موجب ڳالهين جا سمورا تفصيل حساس نوعيت سبب عوام جي آڏو ناهن رکيا ويا، جيڪا انهي ڳالهه جي نشاني آهي ته افغان ڌرين کي چهرو بچائڻ جو موقعو ڏنو ويو۔ ذريعن جو چوڻ آهي ته حقيقت ۾ ڪوبه نئون مطالبو افغانستان طرف پيش ئي نه ڪيو ويو، جڏهن ته پاڪستان جو موقف مڪمل طور مڃيو ويو۔انهي معاهدي جي تحت افغانستان مان پاڪستان جي زمين تيدهشتگردي جو سلسلو فوري طور بند ڪيو ويندو۔ ٻنهي ڌرين انهي ڳالهه تي به اتفاق ڪيو آهي ته ڳالهين جو سلسلو جاري رکيو ويندو ته جيئن طئي ٿيل نڪتن تي عمل کي يقيني بڻائي سگهجي۔انهي حوالي سان ٻيو فالو اپ اجلاس 25 آڪٽوبر تي استنبول ۾ منعقد ٿيندو، جتي ٻنهي ملڪن جا وفد تفصيلي معاملن تي وڌيڪ ڳالهيون ڪندا۔قطر جي پرڏيهي وزارت انهي اڳڀرائي کي خطي ۾ امن ۽ استحڪام طرف اهم قدم قرار ڏنو آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي آهي ته اهو معاهدو سرحدي ڇڪتاڻ جي مستقل خاتمي جي بنياد رکندو۔
