وفاقي وزير دفاع خواجه محمد آصف اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ جنگبندي جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي، ٻنهي پاڙيسري ملڪن هڪ ٻئي جي زمين جي مڪمل احترام تي اتفاق ڪيو آهي۔خواجه آصف پنهنجي بيان ۾ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس (X) تي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ سيز فائر معاهدو ٿي چڪو آهي، ۽ هاڻ افغانستان جي سرزمين تان پاڪستان ۾ دهشتگردي جا حملا فوري طور بند ڪيا ويندا۔هن ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن جا وفد 25 آڪٽوبر تي استنبول ۾ ٻيهر ملاقات ڪندا، جتي باقي تفصيلي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي۔ وزير دفاع چيو ته قطر ۽ ترڪيہ ٻنهي ڀائرو ملڪن جو شڪريو ادا ڪجي ٿو جن ثالثي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔ان کان اڳ قطر جي وزارتِ خارجہ پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو هو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ دوحه ۾ قطر ۽ ترڪيہ جي ثالثي هيٺ ڪيترائي ڳالهيون جا دور ٿيا، جن دوران ٻنهي ڌرين فوري جنگبندي ۽ دائمي امن ۽ استحڪام جي قيام تي اتفاق ڪيو۔
