پاڪستان سان جنگ: صدر ٽرمپ نريندر مودي کي خبردار ڪري ڇڏيو

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته مون ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي صاف ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هاڻي پاڪستان سان جنگ نه ٿيڻ گهرجي. وائٽ هائوس ۾ ديوالي تقريب دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽرمپ ٻڌايو ته هن جي مودي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ واپار سميت ڪيترن ئي معاملن تي بحث ڪيو ويو. صدر ٽرمپ چيو ته ڀارت هاڻي روس کان وڌيڪ تيل نه خريد ڪندو، جڏهن ته مون پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ممڪن جنگ کي روڪيو، ڇو⁠تہ ٻنهي ملڪ ايٽمي طاقت آهن ۽ سندن جنگ وڌي سگهي پئي. هن دعويٰ ڪئي ته مون دنيا ۾ ٿيندڙ اٺ جنگيون ختم ڪرايون ۽ گهڻيون جنگيون واپار جي ڳالهه ٻولهه سان روڪيون. چين بابت سوال تي ٽرمپ چيو ته هو ايندڙ ٻن هفتن ۾ چيني صدر شي جن پنگ سان ڪيترن ئي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ چين سان بهتر ڪم ڪرڻ وڃي رهيو آهي.

پنھنجي راءِ لکو