آمريڪا اسرائيلي پارليامينٽ جي مغربي ڪناري کي اسرائيل ۾ شامل ڪرڻ واري فيصلي کي غزه امن معاهدي لاءِ وڏو خطرو قرار ڏنو آهي۔ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبايو اسرائيل کي خبردار ڪندي چيو آهي ته پارليامينٽ جو هي قدم ۽ آبادڪارن جو وڌندڙ تشدد غزه ۾ امن جي ڪوششن کي سخت نقصان پهچائي سگهي ٿو۔ اسرائيل روانگي کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي روبايو چيو ته صدر ٽرمپ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو مغربي ڪناري جي انضمام جي حمايت نه ڪندا۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪيترائي ملڪ غزه لاءِ بين الاقوامي فورس ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهن۔ياد رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي مخالفت باوجود اسرائيلي پارليامينٽ 120 رڪني ايوان ۾ 24 جي مقابلي ۾ 25 ووٽن سان مغربي ڪناري کي اسرائيل ۾ ضم ڪرڻ واري بِل جي پهرين مرحلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔ بِل کي وڌيڪ غور لاءِ خارجه ۽ دفاعي معاملن واري ڪميٽي حوالي ڪيو ويو آهي۔ هي ووٽنگ ان وقت ٿي جڏهن آمريڪي نائب صدر جے ڊي ونس غزه ۾ جنگبندي معاهدي کي ناڪامي کان بچائڻ لاءِ اسرائيل جي دوري تي موجود آهن۔ بِل موجب مقبوضه مغربي ڪناري تي اسرائيلي قانون لاڳو ڪرڻ جو مقصد زمين جي باضابطه الحاق جي برابر آهي، جيڪا فلسطينين پنهنجي آزاد رياست لاءِ حاصل ڪرڻ چاهين ٿا۔
