پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر اقوام متحده ۾ ڀارت پاران اقليتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ انتهاپسندانه پاليسين کي بي نقاب ڪيو آهي ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي اقليتن تي ظلم ۽ جبر ۾ ملوث مجرمن کي جوابده بڻائين۔ تفصيل موجب پاڪستاني ڪونسلر صائمه سليم اقليتن جي مسئلن بابت اقوام متحده جي اجلاس ۾ تقرير ڪندي چيو ته اسلاموفوبيا ۾ واڌ تي پاڪستان کي ڳري پريشاني آهي، جڏهن ته ڀارت ۾ انتهاپسند نظرين جا خطرناڪ نتيجا ظاهر ٿي رهيا آهن۔ صائمه سليم جو چوڻ هو ته ڀارتي رياستي پاليسي اقليتن جي خلاف نفرت تي ٻڌل آهي، جتي عبادت گاهن تي حملن ۽ نسل ڪشي جا اعلان معمول بڻجي ويا آهن۔ هن خبردار ڪيو ته ڀارتي انتهاپسند پاليسي نه رڳو انساني حقن پر عالمي امن لاءِ به سنگين خطرو آهي۔ پاڪستاني مندوب زور ڏنو ته عالمي برادري کي گهرجي ته ڀارت ۾ اقليتن تي ٿيندڙ مظالم جا ذميوار انصاف جي ڪٽهري ۾ آڻيا وڃن۔
