وينزويلا ۾ دهشتناڪ جهاز حادثو ٽيڪ آف ٿيڻ بعد جهاز باھ جي گولي ۾ تبديل

وينزويلا جي رياست تاچيـرا ۾ هڪ خوفناڪ جهاز حادثو پيش آيو، جتي ٽيڪ آف ٿيڻ جي ٿوري ئي دير بعد جهاز ڪري تباهه ٿي ويو ۽ باھ جي گولي ۾ تبديل ٿي ويو۔ حادثي جي نتيجي ۾ ٻن ڄڻن جي موقعي تي موت ٿي وئي، جڏهن ⁠ته ٻه ماڻهو معجزاڻي طور بچي ويا۔ تفصيل موجب، “پائپر چيئن I” ماڊل جو هي ننڍو جهاز سان ڪرسٽوبل جي پراميلو ايئر فيلڊ تان اڏام ڀريو، پر اڏامڻ کان ڪجهه لمحن بعد ئي جهاز کي جهٽڪا لڳا ۽ اهو زمين سان ٽڪرائجي باھ جي شعلن ۾ گھرجي ويو۔ حادثي جي دل ڏاريندڙ وڊيوز سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي ويون آهن، جن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جهاز رن وي تي ڦسلندو باھ ۽ دونهين جي بادل ۾ تبديل ٿي ويو۔ عيني شاهدن موجب، حادثي جي وقت فضا ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ۽ ماڻهو چيخون پڪارون ڪرڻ لڳا۔ اختيارين حادثي واري هنڌ کي گهيري ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ته جيئن جهاز ڪرڻ جي اصل سببن جو پتو لڳائي سگهجي۔

پنھنجي راءِ لکو