ترڪيه جي شهر استنبول ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڳالهين جو ٻيون دور به مڪمل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وفدن وچ ۾ مختلف اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔ ذريعن موجب ڳالهين جو اهو دور استنبول جي هڪ مقامي هوٽل ۾ ٿيو، جنهن جي ميزباني ترڪيه جي اعليٰ اختيارين ڪئي۔ ذريعن مطابق ڳالهين دوران قطر ۾ ٿيل اڳوڻين ڳالهين ۾ طئي ٿيل نڪتن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته پاڪستان طالبان کي دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ جامع پلان پڻ پيش ڪيو۔ پاڪستان طرفان ٻن رڪنن تي مشتمل وفد ڳالهين ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته افغان وفد جي اڳواڻي نائب گهرو وزير رحمت الله مجيب ڪئي۔ ياد رهي ته قطر ۽ ترڪيه جي ٽياڪڙي ۾ پاڪ-افغان ڳالهين جو پهريون دور دوحه ۾ ٿيو هو، جنهن کان پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگبندي ٿي هئي۔ پاڪ-افغان ڇڪتاڻ سبب چمن، خيبر، ڏکڻ ۽ اتر وزيرستان سميت ضلعي ڪرم جا سرحدي رستا 14 ڏينهن کان بند آهن، جتي سوين مال سان ڀريل گاڏيون ڦاٿل آهن۔
