ڪملا هيرس جو ٻيهر صدارتي چونڊ وڙهڻ جو امڪان

گذريل سال آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ شڪست کاڌيندڙ ڊيموڪريٽ اميدوار ڪملا هيرس هڪ ڀيرو ٻيهر صدارتي چونڊ وڙهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي۔ بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪملا هيرس چيو ته هن وائٽ هائوس لاءِ ٻيهر چونڊ وڙهڻ جي امڪان کي رد نه ڪيو آهي ۽ کيس اميد آهي ته ايندڙ سالن ۾ آمريڪا ۾ هڪ عورت صدر بڻجندي، جيڪو “ممڪن آهي” ته پاڻ هجي۔ هن چيو ته مون پنهنجو ڪم اڃا مڪمل نه ڪيو آهي، مان ٻيهر صدارتي اليڪشن وڙهي سگهان ٿي ۽ مون کي اميد آهي ته هڪ ڏينهن آمريڪا جي صدر بڻجي وينديس۔ هن وڌيڪ چيو ته اڃا فيصلو نه ڪيو آهي ته 2028 جي چونڊن ۾ حصو وٺندس يا نه، پر کٽڻ جا امڪان گهٽ هجڻ وارو خيال غلط آهي۔ ڪملا هيرس موجب، صدر ٽرمپ آمر ثابت ٿيا آهن ۽ صدارتي مهم دوران جيڪي ڳالهيون هن کين وٺي خبردار ڪيون هيون، اهي درست ثابت ٿيون آهن۔ هن تازو پنهنجي ڪتاب “107 Days” جي اشاعت کان پوءِ ڪيترائي انٽرويو ڏنا آهن، جيڪو ان دور بابت آهي جڏهن هن جو بائيڊن جي چونڊ مهم ڇڏڻ کان پوءِ ڊيموڪريٽڪ صدارتي اميدوار طور سندن جاءِ ورتي، پر آخرڪار ٽرمپ آڏو شڪست کاڌي۔ ايسوسيئيٽيڊ پريس سان انٽرويو ۾ 60 ورهين جي ڪملا هيرس چيو ته 2028 ۾ ٻيهر چونڊ وڙهڻ جو امڪان اڃا به موجود آهي ۽ هوءَ پاڻ کي پارٽي جي اڳواڻي ۾ ڏسي ٿي، خاص طور تي ٽرمپ جي مخالفت ۽ 2026 جي وچ مدتي چونڊن جي تياري ۾۔

پنھنجي راءِ لکو