واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبیو چيو آهي ته آمريڪا وٽ پاڪستان سان پنهنجي اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌائڻ جو هڪ اهم موقعو موجود آهي، ۽ اهي لاڳاپا ڀارت سان آمريڪا جي دوستيءَ جي قيمت تي نه وڌايا پيا وڃن۔ پريس بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ روبیو ٻڌايو ته ڀارت طرفان پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وڌندڙ قربتن تي ڪنهن به قسم جو خدشو ظاهر نه ڪيو ويو آهي۔ هن تسليم ڪيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تاريخي تڪرارن سبب ڪجهه ڳڻتيون فطري ٿي سگهن ٿيون، پر آمريڪا مختلف ملڪن سان هڪ ئي وقت ۾ متوازن لاڳاپا رکڻ جو حامي آهي۔ مارڪو روبیو وڌيڪ چيو ته آمريڪا پاڪستان سان گڏجي گڏيل مفادن وارن معاملن تي ڪم ڪرڻ جا موقعا ڏسي رهيو آهي ۽ انهن مان فائدو وٺڻ چاهي ٿو۔ سندس چوڻ مطابق ڀارت هڪ سمجھدار ملڪ آهي، جنهن جا به اهڙا لاڳاپا آهن جن سان آمريڪا جا ناهن، ۽ اهو ئي عملي خارجا پاليسيءَ جو حصو آهي۔ آمريڪي وزير موجب واشنگٽن جا ڀارت سان لاڳاپا گهرا، تاريخي ۽ اهم آهن، جڏهن ته پاڪستان سان لاڳاپن ۾ بهتري ڀارت سان دوستيءَ تي ڪنهن به صورت اثرانداز نه ٿيندي۔
