تل ابيب غزه پٽي سان لڳ سرحدي علائقي ۾ اسرائيلي فوجي گاڏين جي وچ ۾ ٿيل خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ 12 فوجي زخمي ٿي پيا، جن مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي۔ اسرائيلي فوج موجب اهو واقعو آچر ڏينهن پيش آيو، جڏهن ٻه فوجي هموي گاڏيون آپس ۾ ٽڪرائجي ويون۔ حادثو مڪمل طور آپريشنل نوعيت جو هو، جنهن جو ڪنهن به سيڪيورٽي يا لڙائي سان ڪو واسطو نه هو۔ فوجي ترجمان مطابق زخمين کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ سندن گهر ڀاتين کي به آگاهه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حادثي جي سببن بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي۔ اسرائيلي اخبار دي يروشلم پوسٽ موجب حادثو دراصل ٽن فوجي همر جيپن جي وچ ۾ ٿيو، جتي فوجين ٻڌايو ته ڌوڙ جي بادل سبب ڪجهه به نظر نه پئي آيو، جنهن ڪري گاڏيون ٽڪرائجي ويون۔ فوجي ذريعن موجب حادثي ۾ تيز رفتاري ۽ گاڏين تي ڪنٽرول وڃائڻ جي امڪان تي به غور ڪيو پيو وڃي۔ ياد رهي ته رواں سال سيپٽمبر ۾ به اتر غزه جي علائقي ۾ هڪ همر جيپ الٽجڻ سبب 10 فوجي زخمي ٿيا هئا، جن مان ٻن کي هيليڪاپٽر ذريعي يروشلم جي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو۔
