والاريل ڪشمير تي ڀارتي قبضي خلاف پاڪستان سميت دنيا ڀر ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي

اسلام آباد: والاريل جمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضي جا 77 سال مڪمل ٿيڻ تي اڄ پاڪستان، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ دنيا جي ٻين حصن ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي۔ هن ڏينهن جو مقصد ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ ڀارتي ظلمن خلاف آواز اٿارڻ آهي۔ وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزارت کان ڊي چوڪ تائين مرڪزي يڪجهتي واڪ منعقد ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ مختلف وزارتن، شاگردن، سول سوسائٽي ۽ عام شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي آهي۔ شاهراهه دستور، پارليامينٽ هائوس ۽ ڊي چوڪ تي ”ڪشمير بڻجندو پاڪستان“ جا بينرز ۽ پوسٽرز آويزان ڪيا ويا آهن۔ وفاقي حڪومت جي نگراني هيٺ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم کي دنيا آڏو اجاگر ڪرڻ لاءِ خصوصي مهم به جاري آهي، جڏهن ته اطلاعات واري وزارت، پرڏيهي وزارت، پي ٽي اي ۽ اسلام آباد پوليس طرفان سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا آهن۔ ملڪ جي ٻين وڏن شهرن جهڙوڪ ڪراچي، لاهور، پشاور، مظفرآباد ۽ گلگت ۾ به احتجاجي ريليون ۽ واڪون ڪڍيون پيون وڃن، جڏهن ته صبح 10 وڳي ڪشميري شهيدن جي ياد ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي۔ مقررین عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميري عوام کي پنهنجو حقِ خوداراديت ڏيارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري۔ تعليمي ادارن ۾ به ڪاري ڏينهن جي حوالي سان خصوصي تقريبون جاري آهن، جتي شاگرد آزاديءَ جي عزم ۽ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪري رهيا آهن۔ اڄ جو ڏينهن پوري قوم طرفان ڪشميري عوام سان ايمان، حوصلي ۽ آزاديءَ جي جدوجهد ۾ تجديدِ عزم جو ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي۔






پنھنجي راءِ لکو