ڪريملن پاران آمريڪي ۽ روسي صدرن جي ملاقات منسوخ ٿيڻ واري خبرن جي ترديد

ماسڪو روسي صدارتي محل ڪريملن صدر ولاديمير پيُوٽن ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ ۾ تجويز ڪيل ملاقات منسوخ ٿيڻ واري خبرن کي بي‌بنياد قرار ڏنو آهي۔ ڪريملن جي ترجمان موجب ملاقات منسوخ نه ٿي آهي ۽ روسي ۽ آمريڪي پرڏيهي کاتا ان حوالي سان تيارين ۾ مصروف آهن۔ ترجمان جو چوڻ هو ته پيُوٽن ۽ ٽرمپ رڳو وقت ضايع ڪرڻ لاءِ نه پر بامقصد ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ملاقات ڪندا، تنهنڪري ٻنهي اڳواڻن پنهنجي ٽيم کي مڪمل تياريءَ جون هدايتون ڏنيون آهن۔ ڪريملن طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ميڊيا جون رپورٽون غلط آهن ۽ ٻنهي صدرن جي ملاقات لاءِ منصوبابندي جاري آهي، ڪنهن به قسم جي منسوخي جو اعلان نه ڪيو ويو آهي۔ ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته يوڪريني بحران جو فوري حل ممڪن ناهي، تنهنڪري ان پسمنظر ۾ سربراهي اجلاس جي ايجنڊا تي غور جاري آهي۔ واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ صدر ٽرمپ چيو هو ته هو اهڙي ملاقات نه ڪندا جيڪا نتيجه خيز ثابت نه ٿئي، بهرحال ٻنهي ملڪن ۾ سفارتي رابطا جاري آهن۔

پنھنجي راءِ لکو