ايلون مسڪ جو نيويارڪ جي ميئر اميدوار زهران ممداني کي “ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو مستقبل” قرار

ٽيسلا جي سربراهه ايلون مسڪ نيويارڪ جي ميئر لاءِ نامزد اميدوار زهران ممداني کي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو مستقبل قرار ڏنو آهي۔غير ملڪي ميڊيا موجب ايلون مسڪ سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس (X) تي پوسٽ ڪندي لکيو ته ’’زهران ممداني ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو مستقبل آهن۔‘‘ايلون مسڪ هي تبصرو نيويارڪ جي گورنر ڪيتھي هوچل جي ان ويڊيو ڪلپ سان گڏ ڪيو، جنهن ۾ هن زهران ممداني جي حمايت جو اعلان ڪيو هو۔واضح رهي ته نيويارڪ ۾ ميئر جي چونڊ لاءِ ووٽنگ 4 نومبر تي ٿيندي۔ٻئي پاسي سابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ زهران ممداني تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته ’’ممداني کي ووٽ ڏيڻ سان ماڻهن کي ڪو فائدو نه ٿيندو۔‘‘ٽرمپ جو چوڻ هو ته جيتوڻيڪ زهران ممداني ڪامياب ٿي ويا ته به انهن کي آمريڪي حڪومت کان تاريخي مشڪلاتون درپيش اينديون۔

پنھنجي راءِ لکو