وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان سان رياض ۾ خوشگوار ماحول ۾ ملاقات ڪئي۔وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ملاقات جي باضابطه پڌرائي ڪجهه دير ۾ جاري ٿيڻ جو امڪان آهي۔ ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪابينه جا سينيئر ميمبر پڻ موجود هئا۔ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن، واپار، سيڙپڪاري ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون۔هوڏانهن سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي خصوصي دعوت تي وزيراعظم شهباز شريف فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽيو (FII) جي نائين ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستاني وفد سان گڏ رياض پهتو۔ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهچڻ تي رياض جي نائب گورنر شهزادو محمد بن عبدالرحمان بن عبدالعزيز، پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفير احمد فاروق طرفان وزيراعظم ۽ وفد جو پرجوش استقبال ڪيو ويو۔
