پاڪستان جي مؤثر سفارتڪاري تي عوام جو ڀرپور اعتماد آءِ پي او آر جي سروي رپورٽ جاري

انسٽيٽيوٽ فار پبلڪ اوپينين ريسرچ (آءِ پي او آر) جي تازين سروي رپورٽ موجب پاڪستان جي بهترين ۽ مؤثر سفارتڪاري تي عوام جو ڀرپور اعتماد سامهون آيو آهي۔آءِ پي او آر موجب هي سروي 10 کان 20 آڪٽوبر تائين ملڪ ڀر ۾ مختلف اهم معاملن تي ڪيو ويو، جن ۾ پاڪستان–سعودي عرب دفاعي معاهدو، وزيراعظم شهباز شريف ۽ فِيلڊ مارشل آرمي چيف جنرل عاصم منير جو آمريڪا جو دورو ۽ پاڪ–افغان تڪرار جا موضوع شامل هئا۔سروي جي نتيجن مطابق 80 سيڪڙو عوام جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دفاعي معاهدي ملڪ جي عالمي ساک ۾ اضافو ڪيو آهي، جڏهن⁠ته 79 سيڪڙو ماڻهن معاهدي جي حمايت ڪئي۔ وڌيڪ اهو به ڄاڻايو ويو ته 73 سيڪڙو شهري سمجهن ٿا ته هن معاهدي سان حڪومت ۽ پاڪ فوج تي عوام جو اعتماد وڌيو آهي۔رپورٽ موجب تازي پاڪ–افغان تڪرار ۾ 71 سيڪڙو پاڪستانين افغان طالبان کي ذميوار قرار ڏنو، جڏهن⁠ته 75 سيڪڙو شهرين پاڪستان جي مؤثر جوابي حڪمت عملي تي اعتماد جو اظهار ڪيو۔آءِ پي او آر سروي موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ فِيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جو آمريڪا جو دورو پاڪستان جي عالمي ساک ۽ وقار ۾ نمايان اضافي جو سبب بڻيو آهي۔هي سروي رپورٽ پاڪستان جي ڪامياب سفارتڪاري ۽ وڌندڙ عالمي اثر رسوخ جي عڪاسي ڪري ٿي۔

پنھنجي راءِ لکو