پاڪستان ۽ افغان طالبان وچ ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار افغان وفد جائز مطالبا مڃڻ لاءِ تيار ناھين

ذريعن موجب پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي، جڏهن⁠ته افغان طالبان جو وفد پاڪستان جا جائز مطالبا مڪمل طور مڃڻ لاءِ تيار ناهي۔استنبول ۾ جاري ڳالهين جو ٽيون ڏينهن به مشڪلاتن جو شڪار رهيو۔ ذريعن جو چوڻ آهي ته ميزبان ملڪ پڻ تسليم ڪن ٿا ته پاڪستان جا مطالبا جائز آهن، دلچسپ ڳالهه اها آهيتهافغان طالبان جو وفد پاڻ به انهن مطالبن کي درست سمجهي ٿو، پر عملي طور تي مڃڻ کان ڪيٻائي رهيو آهي۔ريعنمطابق افغان وفد ڳالهين دوران ڪيترائي ڀيرا ڪابل انتظاميه سان رابطي ۾ رهيو ۽ انهن جي حڪمن موجباڳتي وڌي رهيو آهي، جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته انهن کي ڪابل مان ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي۔پاڪستاني وفد ڪيترائي ڀيرا اهو نڪتو واضح ڪيو آهي ته مطالبن کي مڃڻ سڀني جي مفاد ۾ آهي، جڏهن⁠ته ميزبان ملڪن به افغان وفد کي اها ڳالهه سمجهائي آهي، پر ڪابل انتظاميه طرفان ڪو به همٿ ڏيندڙ جواب نه ملي سگهيو، جنهن سبب ڳالهين جو عمل ڊيڊ لاڪ جو شڪار ٿي ويو آهي۔ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهين جي عمل دوران ائين محسوس ٿيو آهي ته ڪابل ۾ ڪجهه عنصر ڪنهن ٻئي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن⁠ته پاڪستاني وفد جو موقف مضبوط، منطقي ۽ علائقي ۾ امن لاءِ انتهائي ضروري آهي۔

پنھنجي راءِ لکو