وزيراعظم جو آمريڪا جو دورو پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي مضبوطيءَ جو سبب بڻبو مريم نواز

وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جو تازو آمريڪا دورو پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپن جي استحڪام ۽ مضبوطيءَ جو باعث بڻبو۔آمريڪي ڪانسُل جنرل سٽيٽس سينڊرز وزيراعليٰ پنجاب سان ملاقات ڪئي ۽ مريم نواز جي مهمان نوازي تي شڪريو ادا ڪيو۔ ملاقات دوران مريم نواز آمريڪي سيڙپڪارن کي پنجاب ۾ سيڙپڪاري جا موقعا حاصل ڪرڻ جي دعوت ڏني۔هن موقعي تي آمريڪا جي نئين سياسي ۽ معاشي آفيسر جو پڻ تعارف ڪرايو ويو۔مريم نواز چيو ته پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ وڌندڙ گرمجوشي خوش آئند آهي، ٻه طرفا لاڳاپا نون اوچائين تي پهچي رهيا آهن، جنهن سان صوبائي سطح تي معاشي تعاون ۾ وڌيڪ واڌ ايندي۔

پنھنجي راءِ لکو