ترجمان پوليس موجب بهاولنگر ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغان رهواسين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي۔ آپريشن دوران 15 غير قانوني طور مقيم افغاني باشندن کي گرفتار ڪري مقدمات داخل ڪيا ويا آهن۔حڪام جو چوڻ آهي ته افغان رهواسين کي گهر، رهائش يا دڪانون ڪرائي تي ڏيڻ وارن خلاف به ڪارروائي ڪئي وئي آهي۔ پابندي باوجود اهڙي عمل تي 10 مقدمات داخل ڪيا ويا آهن۔پوليس موجب جيڪي ماڻهو غير قانوني افغاني رهواسين کي رهائش يا دڪانون ڏنيون، انهن کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي۔ شهرين کي حڪومتي حڪمن تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ٻي صورت ۾ ڪريڪ ڊائون جاري رهندو۔ياد رهي ته وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف هدايت ڪئي آهي ته افغان رهواسين سميت ڪنهن به غير قانوني طور تي رهندڙ غير ملڪي کي ملڪيت يا پراپرٽي ڪرائي تي ڏيڻ وارن خلاف ايف آءِ آر ضرور داخل ڪئي وڃي۔وزيراعليٰ پنجاب جي صدارت هيٺ امن ۽ امان بابت اجلاس ۾ روزاني بنياد تي افغان ۽ ٻين غير ملڪي رهواسين کي گهر، دڪان، فيڪٽري، هوٽل يا پيٽرول پمپ ڪرائي تي ڏيڻ جي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي۔ان سان گڏ اجلاس ۾ حڪم ڏنو ويو آهي ته غير قانوني طور رهندڙ افغان رهواسين جي سڃاڻپ لاءِ مسجدن ۾ اعلان ڪرايا وڃن، جڏهنته پٽوارين، نمبر دارن ۽ ايس ايڇ اوز کي غير ملڪي رهواسين بابت رپورٽ ڏيڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي۔
