ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا اسرائيل جي حمايت ختم ڪري ۽ خطي ۾ پنهنجي مداخلت بند ڪري ته ايران سان تعاون ممڪن ٿي سگهي ٿو۔غير ملڪي ميڊيا موجب، آيت الله خامنه اي تهران ۾ خطاب ڪندي چيو ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ بنيادي طور تي اختلاف ۽ مفادن جو ٽڪراءُ موجود آهي۔هن چيو ته جيڪڏهن آمريڪا صهيوني حڪومت جي مڪمل حمايت ڇڏي، علائقي مان پنهنجا فوجي اڏي خالي ڪري ۽ مداخلت بند ڪري، ته ايران ان صورتحال جو جائزو وٺڻ تي غور ڪري سگهي ٿو۔سپريم ليڊر وڌيڪ چيو ته ايران سان تعاون لاءِ آمريڪا جي درخواست تي في الحال نه پر مستقبل ۾ غور ڪري سگهجي ٿوياد رهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ تازو هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته ايران آمريڪا سان نئون معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو۔ٻئي پاسي، ايران جي مسلح فوج جي جنرل اسٽاف جي نائب سربراهه بريگيڊيئر جنرل احمد وھيدي چيو آهي ته دشمن کي ايران جي سرزمين ڏانهن بري نظر سان ڏسڻ جي جرئت به ناهي۔بندرعباس ۾ بحري زون جي دوري دوران هن چيو ته ايران جي سامونڊي سرحدن تي امن پاسداران انقلاب جي بحري جوانن جي قربانين ۽ ڪوششن جو نتيجو آهي۔جنرل وھيدي وڌيڪ چيو ته دشمن ايراني جوانن کان خوفزده آهي ۽ هن پاڪ سرزمين تي ڪڏهن به نظر وجهڻ جي همت نٿو ڪري سگهي۔
