نيپال جي اتر اوڀر واري حصي ۾ برفاني تودو ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڪوھ پيما حياتي وڃائي ويٺا، جڏهنته 4 لاپتا ٿي ويا۔ فوت ٿيندڙن ۾ ٽي فرانسيسي، هڪ ڪينيڊين، هڪ اطالوي ۽ ٻه نيپالي شامل آهن۔غير ملڪي ميڊيا موجب 15 ڄڻن تي مشتمل ٽيم يالونگ ري جبل (Mount Yalung Ri) تي چڙهائي ڪري رهي هئي، جڏهن برفاني تودو اوچتو ڪري پيو۔پوليس موجب سڀئي ماڻهو برف هيٺ اچي ويا، خراب موسم سبب ريسڪيو آپريشن ۾ به دير ٿي۔
هڪ زخمي ڪوھ پيما ٻڌايو ته اسان مدد لاءِ سڏ ڪيو پر ڪلاڪن تائين ڪو به نه پهتو، ۽ جڏهن هيلي ڪاپٽر آيو، ڪيترائي ساٿي فوت ٿي چڪا هئا۔شدید برفباري سبب علائقي ۾ هوائي آپريشن ممڪن نه رهيو، آخرڪار سومر جي شام هڪ جهاز واقعي واري هنڌ پهتو۔گذريل ڏينهن اٽلي جي ڏکڻ ٽائرول صوبي ۾ به اهڙو حادثو پيش آيو هو، جتي برفاني تودو ڪري پيو ۽ پنج جرمن ڪوھ پيما فوت ٿي ويا۔
