لنڊن جي مسلمان ميئر صادق خان چيو آهي ته نيويارڪ جو ميئر چونڊجڻ ظہران ممداني جي شاندار ۽ “فنٽاسٽڪ فتح” آهي۔ صادق خان موجب نيويارڪ جي شهرين خوف بدران اميد ۽ ورهاست بدران اتحاد جو چونڊ ڪري دنيا کي مثبت پيغام ڏنو آهي۔هن چيو ته جيئن لنڊن هڪ لبرل، ڪثيرالثقافتي ۽ ترقي پسند شهر آهي، تيئن نيويارڪ به اهڙو ئي جديد ۽ ڪامياب شهر آهي، جيڪو ٽرمپ جي پاليسين جي ابتڙ سوچ رکي ٿو۔صادق خان 2016 ۾ پهريون ڀيرو ميئر چونڊيو ويو هو ۽ 2021 ۽ 2024 ۾ به فتح حاصل ڪئي۔امريڪي ميڊيا موجب ظہران ممداني کي ميئر بڻجڻ کان روڪڻ لاءِ 26 ارب پتين لکين ڊالر خرچ ڪيا، پر عوامي حمايت سندن محنت تي ڀاري پئي۔نو چونڊيل ميئر ظہران ممداني چيو آهي ته هو هڪ قابل ۽ همدرد انتظاميه جوڙيندو، جڏهن ته پاڪستاني نژاد لينا خان کي سندن ٽيم ۾ اهم عهدو ڏنو ويو آهي۔ نيويارڪ پوليس ڪمشنر جيسيڪا ٽش کي به عهدو برقرار رکيو ويندو۔ممداني جو چوڻ هو ته سندس ڪاميابي صدر ٽرمپ لاءِ هڪ سبق آهي، وائٽ هائوس کان کيس مبارڪباد نه ملي آهي، پر هو نيويارڪ جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي۔
