پاڪستان ۽ افغان طالبان جي ڳالهين جو نئون دور اڄ استنبول ۾ جنگبندي ۽ سرحدي تحفظ تي غور

پاڪستان ۽ افغان طالبان ريجم جي وچ ۾ ڳالهين جو نئون دور اڄ ترڪي جي شهر استنبول ۾ ٿيندو، جنهن ۾ جنگبندي جي اثرائتي عملداري، سرحدي تحفظ ۽ ٻطرفي واپار جي واڌاري تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون وينديون۔ذريعن موجب پاڪستاني اعليٰ سفارتي وفد استنبول پهچي ويو آهي، جڏهن ته ترڪي ڳالهين ۾ ثالث جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔ وفد ۾ اعليٰ سطح جا سفارتڪار شامل آهن، جيڪي افغان طالبان عملدارن سان سڌي ڳالهه ٻولهه ڪندا۔گذريل مهيني 25 کان 28 آڪٽوبر تائين استنبول ۾ ٿيندڙ ڳالهين جي پهرين مرحلي ۾ ڪا خاص اڳڀرائي نه ٿي سگهي هئي۔ ان وقت پاڪستان افغان سرزمين تان دهشتگرد حملن جي روڪٿام لاءِ قابل تصديق نظام جي قيام جو مطالبو ڪيو هو۔وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ موجب گذريل ڳالهين چار ڏينهن تائين جاري رهيون پر ڪو عملي نتيجو حاصل نه ٿي سگهيو۔ انهن ڳالهين جي ميزباني ترڪي ۽ قطر گڏجي ڪئي هئي۔ذريعن جو چوڻ آهي ته هن نئين مرحلي ۾ پاڪستاني وفد هڪ نڪتي ايجنڊا تي ڌيان ڏيندو، جنهن جو مقصد سرحدي استحڪام ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عملي سهڪار وڌائڻ آهي۔

پنھنجي راءِ لکو