لاهور ۾ گيس ليڪيج سبب دهشتناڪ ڌماڪو ساڳئي خاندان جا 3 ماڻهو فوت 7 زخمي

هربنس پورہ واري علائقي ۾ گيس ليڪ ٿيڻ سبب گهر ۾ دهشتناڪ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ساڳئي خاندان جا ٽئي ماڻهو فوت ۽ ست ڄڻا زخمي ٿي پيا۔تفصيل موجب، ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن ڪمري ۾ گيس ڀرجي وئي هئي ۽ چلهو ٻارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي۔ ڌماڪي جي زور سان ويجهو عمارتن جا شيشا به ٽُٽي پيا ۽ علائقي ۾ دهشت پکڙجي وئي۔پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ زخمين کي ويجهو اسپتال منتقل ڪيو ويو۔فوت ٿيل ماڻهن جي سڃاڻپ 55 سالن جي عزرا افضل، 19 سالن جي آفتاب افضل، ۽ ٻه سالن جي صائم مصطفيٰجينالن سان ٿي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ صبا فيض، عشرت گلزار، عتيقه، رُخسانه، شهر بانو، عروج ۽ حبيب شامل آهن۔اختيارين واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته شروعاتي تحقيقات موجب گيس ليڪيج ئي ڌماڪي جو سبب ٻڌايو پيو وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو