پاڪستان عالمي سطح تي سائنسي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي ۽ سائنس جي ميدان ۾ هڪ اهم سنگ ميل عبور ڪري ورتو آهي۔تفصيل موجب، عالمي سطح جي وڏي خلائي ڪانفرنس “انٽرنيشنل ڪانفرنس آن ايپليڪيشنز آف اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي” جو اسلام آباد ۾ شاندار آغاز ٿي ويو آهي۔ھي ڪانفرنس 20 نومبر تائين جاري رهندي جيڪا اسپارڪو ۽ اسلام آباد اسپيس اينڊ ٽيڪنالاجي جي گڏيل ميزباني هيٺ منعقد ڪئي پئي وڃي۔ڪانفرنس جو بنيادي مقصد عالمي چيلنجز جي حل ۾ خلائي ٽيڪنالاجي جي وڌندڙ اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي۔ايونٽ ۾ 25 ملڪن جا 70 کان وڌيڪ مندوبين ۽ 2 هزار کان وڌيڪ شرڪت ڪندڙ حصو وٺي رهيا آهن، جڏهنته ڪيترن اهم معاهدن جي اميد ڪئي پئي وڃي۔ذرائع موجب، بين الاقوامي مندوبين جي شرڪت سان پاڪستان ۾ خلائي شعبي ۾ نئين سيڙپڪاري جا در کلي سگهن ٿا۔ ان سان گڏ سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت (AI) بابت به جامع مشاورت ٿيندي۔ڪانفرنس دوران مشترڪا تحقيق، صلاحيت سازي ۽ خلائي ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي
عالمي مباحثا ۽ شراڪتي منصوبا پاڪستان جي سائنسي ترقي لاءِ اهم ثابت ٿيندا۔رڪن ملڪن جي وچ ۾ سائنسي تعاون ۽ ترقياتي منصوبا پاڪستان جي خلائي شعبي جي صلاحيت وڌائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندا۔
