حڪومت محمود اچکزئي کي اپوزيشن ليڊر لاءِ قبول نه ڪيو، پي ٽي آئي کان نالو تبديل ڪرڻ جي درخواست

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جي مقرري جو معاملو وڌيڪ پيچيده ٿي ويو آهي. سرڪاري ذريعن موجب پي ٽي آئي پاران نامزد ڪيل محمود خان اچکزئي کي اپوزيشن ليڊر طور قبول نه ڪيو ويو ۽ حڪومت پارٽي کان نئون نالو تجويز ڪرڻ لاءِ چيو آهي.ذرائع ٻڌائن ٿا ته حڪومت سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر لاءِ راجا ناصر عباس تي به تحفظات ظاهر ڪيا آهن ۽ چاهين ٿيون ته ٻنهي ايونن ۾ اپوزيشن ليڊر لاءِ گهٽ متنازع ۽ متفقه نالو سامهون اچي ته جيئن پارلياماني معاملن ۾ وڌيڪ تڪرار پيدا نه ٿئي.پي ٽي آئي اڃا تائين حڪومت جي اعتراضن جو باقاعده تحرير جواب نه ڏنو آهي، جڏهن ته پارٽي اندر مشاورت جاري آهي. قومي اسيمبلي ۾ قائد حزب اختلاف جو عهدو خالي هجڻ سبب ايون جي ڪيترن اهم فيصلن ۽ ڪميٽي معاملن ۾ به دير ٿي رهي آهي.

پنھنجي راءِ لکو