پاڪستان ۽ عالمي منڊي ۾ اڄ به سون جي قيمت مستحڪم رهي. پاڪستان ۾ في توله سون جي قيمت 4 لک 38 هزار 862 رپين تي برقرار آهي، جڏهن ته 10 گرام سون 3 لک 76 هزار 253 رپين تي برقرار آهي. چاندي جي في توله قيمت 160 رپين جي واڌ سان 5 هزار 642 رپين ٿي وئي آهي.عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4165 ڊالر في اوز تي مستحڪم رهي. گذريل ڏينهن به سون جي قيمت ۾ ڪا تبديلي نه آئي هئي، جڏهن ته چاندي جي قيمت ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي هئي.ماهرين موجب عالمي سطح تي ڊالر جي قيمت ۾ سڌارو ۽ سيڙپڪارن جي منافع حاصل ڪرڻ جي ڪوششن سبب سون جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڏٺي وئي آهي. سون خريد ڪرڻ روايتي طور تي محفوظ سيڙپڪاري سمجهيو وڃي ٿو ۽ مهانگائي، سياسي ۽ معاشي اڻ برابري وارن حالتن ۾ ان جي قيمت وڌي وڃي ٿي.گذريل سال پاڪستان ۾ سون جي قيمت جي تعين جو طريقو تبديل ڪيو ويو، جنهن تحت سون جي قيمت بين الاقوامي مارڪيٽ ريٽ کان 20 ڊالر في اوز وڌيڪ مقرر ڪئي وئي.
