آسٽريليا جو وڏو قدم: 16 سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا مڪمل بند

آسٽريليا دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي جنهن 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا جي استعمال تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، نئون قانون 10 ڊسمبر کان ميٽا، ٽڪ ٽاڪ، يوٽيوب سميت هر پليٽ فارم تي 16 سال کان گهٽ عمر وارن لاءِ اڪائونٽ ٺهڻ کي غيرقانوني قرار ڏئي ٿو. حڪومت ذميواري والدين بدران سڌي طرح سوشل ميڊيا ڪمپنين تي وجهي ڇڏي آهي ۽ ڀڃڪڙي جي صورت ۾ ڳرا ڏنڊ مقرر ڪيا آهن. سرڪاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو قدم ٻارن کي نقصان ڏيندڙ الگورٿمز ۽ اهڙي مواد کان بچائڻ لاءِ ضروري آهي جيڪو انهن جي ذهني صحت، جذباتي توازن ۽ سکيا جي صلاحيت تي منفي اثر وجهي ٿو. جيتوڻيڪ گهڻا شهري پابندي کي ساراهين ٿا، پر ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته اهڙي پابندي ٻارن کي غيرمحفوظ آن لائن جڳهن ڏانهن ڌڪي سگهي ٿي. اها پابندي ٻن 15 سالن جي ٻارن اعليٰ عدالت ۾ چيلنج به ڪئي آهي، جن جو موقف آهي ته اها اظهار جي آزادي ۽ معلومات تائين رسائي کي محدود ڪري ٿي، پر حڪومت واضح ڪيو آهي ته ٻارن جي حفاظت لاءِ پاليسي ۾ ڪا نرمي نه ڪئي ويندي. نئين ضابطن تحت سوشل ميڊيا ڪمپنين کي لازمي طور ننڍي عمر جي صارفن جي نشاندهي، اڪائونٽس بند ڪرڻ، ٻيهر رجسٽريشن روڪڻ ۽ مضبوط شڪايت نظام قائم ڪرڻا پوندا.

پنھنجي راءِ لکو