انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) پنهنجي نئين معاشي جائزي ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ مهانگائي موجوده 4.5سيڪڙو کان وڌي 6.3 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿي، جڏهن ته جون 2026 تائين اها شرح 8.9 سيڪڙو ٿيڻ جو امڪان آهي۔رپورٽ موجب جاري مالي سال ۾ پاڪستان جي جي ڊي پي واڌ 3.2 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي۔ بي روزگاري جي شرح 8 سيڪڙو کان گهٽجي 7.5 سيڪڙو ٿيڻ جي توقع آهي۔ٽيڪسيشن بابت آءِ ايم ايف ٻڌايو ته ٽيڪس ٽو جي ڊي پي تناسب مالي سل 2025 ۾ 15.9 سيڪڙو کان وڌي 2026 ۾ 16.3 سيڪڙو ٿي ويندو، جڏهن ته مالي خسارو 5.4 سيڪڙو کان گهٽجي 4 سيڪڙو ٿيڻ جو امڪان آهي۔تنهن هوندي به قرضن جو بار جي ڊي پي جي 69.6 سيڪڙو جي بلند سطح تي برقرار رهندو، جيڪو معيشيت لاءِ پريشان ڪندڙ آهي۔رپورٽ ۾ چئيل آهي ته پاڪستان کي هڪ طرف مهانگائي تي ضابطو آڻڻو آهي، جڏهن ته ٻئي طرف معاشي ترقي ۽ مالي استحڪام کي به برقرار رکڻو پوندو۔ياد رهي ته آءِ ايم ايف ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان لاءِ 37 مهينن تي مشتمل ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسيلٽي (EFF) ۽ ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسيلٽي (RSF) تحت 1.2 ارب ڊالر جي منظوري ڏني آهي، جيڪا رقم فوري طور پاڪستان جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي ويندي۔آءِ ايم ايف موجب پاڪستان معاشي ۽ توانائي شعبي ۾ ضروري سڌارا بروقت نافذ ڪيا آهن۔
